- Advertisement -
حيدرآباد ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو.
پوليس جي وڏي نفري شاهه لطيف ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن ڪيو.
پوليس ترجمان موجب آپريشن دوران شڪي ماڻهن جي بايوميٽرڪ ذريعي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته 12 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ تصديق لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊئي جو چوڻ آهي ضلعي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.- Advertisement -
