- Advertisement -
حيدرآباد ۾ سرڪاري ۽ خانگي آفيسن، تعليمي ادارن ۽ عوامي هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي لڳائي ويئي آهي.
سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي ۽ سگريٽ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي تحفظ جي آرڊيننس 2002 تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ريسٽورنٽ، شاپنگ مال، اسپتالن ۽ ٻين هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي جا بورڊ لازمي لڳايا ويندا
عوامي يا واپاري هنڌن تي ايش ٽري يا ڪنهن به سگريٽ ڇڪڻ جي مدد تي پابندي هوندي.
آفيسن، هوٽلن ۽ عوامي هنڌن تي مقرر ڪيل سگريٽ ڇڪڻ جي جڳهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.
نوٽيفڪيشن موجب ڀڃڪڙي جي صورت ۾ لاڳاپيل قانونن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
