حيدرآباد پوليس مقابلي دوران هڪ هٿياربند کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته بي سيڪش ٿاڻي جي حد بچاءَ بند وٽ هٿياربند سان مقابلو ٿي پيو.
پوليس موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جنهن جي سڃاڻپ نصير جي نالي طور ٿي، جوابدار کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.


