- Advertisement -
حيدرآباد ۾ پ پ جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ گهوڙاٻاري کان آيل گاڏي کي حادثي جي نتيجي ۾ 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب نسيم نگر ويجهو بس جي ڇت تي ويٺل ماڻهن سان حادثو پيش آيو.
گاڏي جي ڇت تي ويٺل ماڻهو لوهه جي پل سان ٽڪرائجي ويا، حادثي ۾ 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
زخمين ۾ محبوب، مدثر، زڪريه، غلام حسين، محمد علي ۽ ٻيا شامل آهن، معمولي زخمين کي تعلقي اسپتال قاسم آباد ۽ وڌيڪ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
