- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومتي قدمن سبب معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي وئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، مهانگائي سنگل ڊجيٽ ۾ اچي وئي آهي، پي ڊي ايم حڪومت ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان سي پيڪ سبب عالمي سيڙپڪارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم حڪومت ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، موجوده حڪومت جي قدمن سان معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي.
وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ تيزي ايندي، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي.
هن چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ راضي آهي، چين پاڪستان سان 5 نيون راهداريون قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ايس آءِ ايف سي تحت دوست ملڪن 27 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي.
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته جٽادار معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۽ سڌارن جو تسلسل ضروري آهي.- Advertisement -
