- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته حڪومتي پاليسين سبب ملڪ ۾ ڪاروبار جا سٺا موقعا شروع ٿي ويا آهن، وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي ترقي جو خواهشمند آهي.
گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته آرمي چيف سرحدن جي حفاظت سان گڏوگڏ معيشت جي به حفاظت ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته معيشيت سٺي هوندي ته پرڏيهي سيڙپڪاري به ايندي، سڀني کي ملڪي معيشيت مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ معاشي مشڪلاتن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج مان سٺي خوشخبري ملي آهي.- Advertisement -
