تازه ترين

پيپلزپارٽي گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي، ملڪ جون حالتون خراب ٿيون ته گورنر راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو : آغا سراج دراني

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پيپلزپارٽي گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي، ملڪ جون حالتون خراب ٿيون ته گورنر راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي آئين اجازت ڏئي ٿو. نيب ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ملڪ جي صورتحال کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته ڪي ٽي وي سيريل هلي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن صوبي جو وڏو وزير وفاقي راڄڌاني تي حملو ڪري ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سندس ڪيس اتي آهي جتي هن آخري ڀيرو ڇڏيو هو، نيب پراسيڪيوٽر جي هڪ مائٽ جي فوتگي سبب ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته 1973ع ۾ هڪ صوبي جي وڏي وزير وفاق تي حملو ڪيو پر ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، اڄ به هڪ وڏي وزير وفاق تي حملو ڪيو آهي، پر قانون تي ڪو به عمل نه پيو ٿئي. آغا سراج دراني چيو 1973ع جي آئين موجب اهڙي وڏي وزير خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
36 %
1.9kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون