- Advertisement -
ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي عملي طور غير فعال ۽ بي اثر ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ هاڻي پرتشدد احتجاج طرف وڃي چاهي ٿي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي عملي طور غير فعال ۽ بي اثر ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ هاڻي پرتشدد احتجاج واري هوم گرائونڊ طرف وڃي چاهي ٿي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ طرفي طور ڳالهين واري عمل کان ٻاهر نڪرڻ بعد وزيراعظم جي آڇ ٿـُـڏي چڪي آهي.
عرفان صديقي چيو ته هاڻي جڏهن ڪڏهن به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ضرورت محسوس ٿي ته ڏٺو ويندو.- Advertisement -
