- Advertisement -
حڪومت اهم قانونسازيءَ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت 28آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيلصو ڪيو آهي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
ٻئي پاسي قومي اسيمبليءَ جو نائون اجلاس 26 آگسٽ تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ جو اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
