- Advertisement -
حڪومت جون مهيني لاءِ بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 90 پيسا في يونٽ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا جون لاءِ بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 90 پيسا في يونٽ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ ۽ آگسٽ لاءِ في يونٽ بجلي جي قومي ۾ 93پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته بجلي اگهن ۾ اضافي سان واهيپدارن تي 46 ارب 61 ڪروڙ رپيا اضافي بار پوندو، اضافي اوڳاريون جون کان آگسٽ 2024ع تائين ڪيون وينديون- Advertisement -
