- Advertisement -
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته تعاون، محبت ۽ اعتماد ڪرڻ تي پنهنجي اباڻي شهر منڊي جي عوام جي دل سان شڪرگذار آهيان.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي توهان سڀني جي فتح آهي، هي وزيراعظم مودي ۽ بي جي پي جي فتح آهي.
ڪنگنا جي هن پوسٽ کانپوءِ صارفين طرفان کيس مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته ڪنگنا رناوت پهريون ڀيرو ڀارتيا جنتا پارٽي ( بي جي پي ) جي ميمبر طور پنهنجي اباڻي شهر منڊي مان چونڊ ۾ حصو ورتو آهي.
بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت اليڪشن کان اڳ اشارو ڏنو هو ته لوڪ سڀا اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ فلم انڊسٽري ڇڏي ڏينديس.
ياد رهي ته چونڊ نتيجن موجب بي جي پي جي قيادت واري اتحاد اين ڊي اي 294 سيٽن سان اڳتي آهي ۽ ڪانگريس جي قيادت واري اتحاد 231 سيٽون حاصل ڪيو آهن………- Advertisement -
