- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي ڪا به حيثيت ناهي رهي، پارليامنيٽ جي اهميت ختم ٿي وئي، جمهوريت هارائي رهي آهي.
پي ٽي آءِ وفد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمر ايوب ۽ اسد قيصر آيا، کين ڀليڪار ڪن ٿا، مخالف ڌر جون پارٽيون رابطي ۾ رهن، ان تي سندن ڪو به اختلاف ناهي.
هن چيو ته وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، اختلاف ختم ڪري سگهجن ته ورتاءَ ۾ نرمي آڻي سگهجي ٿي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ آئين جي ڪا به حيثيت ناهي رهي، پارليامنيٽ جي اهميت ختم ٿي وئي، جمهوريت هارائي رهي آهي.
ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته مولان فضل الرحمان کين دل سان ڀليڪار ڪيو، بهتر ڳالهيون ٿيون اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو.
هن چيو ته آئين ۽ قانون تي عمل لاءِ هو جدوجهد ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني، محمود خان اچڪزئي ۽ هر محب وطن پاڪستاني جي اها ئي خواهش آهي.- Advertisement -
