حڪومت پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊمانڊ جي جواب ۾ موقف تيار ڪرڻ بابت خبر بي بنياد آهن:عرفان صديقي

spot_img
حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي ڪنوينر سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊمانڊ جي جواب ۾ موقف تيار ڪرڻ بابت خبر بي بنياد آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته اها خبر ۽ ان ۾ بيان ڪيل سمورا تفصيل ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. هن چيو ته ان وقت حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل ست پارٽيون پنهنجي پنهنجي قيادت سان صلاح مشورن ۾ مصروف آهن. عرفان صديقي چيو ته قطعي جواب تيار ڪرڻ ۾ وڌيڪ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. عرفان صديقي جي بيان کان ڪجهه دير اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته حڪومت  پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي مطالبن تي جواب تيار ڪندي 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ  جڊيشل ڪميشن جوڙڻ وارو پي ٽي آءِ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سينيٽ ۾ ڳالهائيندي حڪومتي ٽيم جي ترجمان عرفان صديقي چيو ته ٽرسٽ وارو ڪم حڪومت کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ڪندا آهن. هن چيو ته القادر ٽرسٽ لاءِ زمين ڪهڙي بنياد تي ڏني وئي، شبلي فراز کي معاملو سياست جي اک سان نه ڏسڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته القادر ٽرسٽ بابت فيصلي کي غور سان پڙهيو وڃي، سندن ڪنهن به اداري سان ڪا دشمني ناهي، سياست کي سياست ئي رهڻ ڏنو وڃي. عرفان صديقي چيو ته اهڙو ڪيس ڪنهن ٻئي وزيراعظم جي دور ۾ نه ٿيو آهي، اها واحد ٽرسٽ آهي جيڪا رجسٽرڊ ئي نه ٿي آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون