تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي پوليو ٽاسڪ فورس جو اجلاس

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي پوليو ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 3 کان 9 فيبروري تائين شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم جي تيارين جو جائزو ورتو  ويو. صوبائي ڪوآرڊينيٽر اي او سي ارشاد علي سوڍر، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوليو جي صورتحال تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گذريل سال 73 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 22 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. وڏي وزير جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 8، ڪراچي ڊويزن ۾ 6، حيدرآباد ڊويزن ۾ 4، سکر ڊويزن ۾ 2 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو، شهري علائقن ۾ پوليو ڪيسن ۾ واڌ تي کيس ڳڻتي آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ٿرپارڪر ۽ مٽياري ۾ ماحولياتي نمونن مان پوليو وائرس ناڪاري ظاهر ٿيو آهي. وڏي وزير کي آگاهي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2024 جي پوليو مهم ۾ ڪراچي جي 96 سيڪڙو ۽ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ۾ 100 سيڪڙو ڪوريج حاصل ڪئي وئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته 2 لک  44 هزار 233 ٻار پوليو ويڪسينيشن کان محروم رهيا، جن مان هڪ لک 97 هزار 902 ٻار گهرن ۾ موجود نه هئا ۽ 46 هزار 331 پاران ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته جنهن به ضلعي ۾ ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي وڃن ان ڊي ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليو ويڪسين کان انڪار قبول جوڳو عمل ناهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته عوام کي سمجهايو وڃي ته پوليو ويڪسين سندن ٻارن کي معذوري کان بچائيندي، سال 2025 پوليو تي ضابطو آڻڻ جو سال هجڻ گهرجي. وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي به هدايت ڪئي ته ايندڙ پوليو مهم ۾ هر ٻار جي ويڪسينيشن يقيني بڻائي وڃي. سندس چوڻ هو ته پوليو جو خاتمو سڀ کان وڏي ترجيح آهي ۽ وائرس جي منتقلي کي روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ جي 1257 يونين ڪائونسلن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 10.6 ملين ٻار آهن، جنهن تي وڏي وزير يو سي سطح تي پوليو ويڪسينيشن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلون آهن، جن علائقن ۾ ڪيترائي والدين ٻارڙن کي پوليو ويڪسين نٿا پيئارين. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ ويڪسين کان انڪار ڪرڻ جو 98 سيڪڙو صرف ڪراچي ۾ آهي، ڪراچي ۾ تقريبن 50 سيڪڙو ڪچي آبادين ۾ ويڪسين کان انڪار ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ 3 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي حڪمت عملي جو جائزو پڻ ورتو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ۽ ان جي خاتمي تائين سندن جدوجهد جاري رهندي. وڏي وزير سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي ذاتي طور تي مهم جي نگراني ڪن ۽ پوليو ٽيمن جي مڪمل سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير والدين تي زور ڏنو ته هو پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
65 %
1.5kmh
2 %
سُومر
31 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون