اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت بجلي بلن جي معاملي تي مالياتي ادارن سان واعدن تي عمل ڪندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل فيصلا ڪندي، گردشي قرض، بجلي چوري ۽ لائن لاسز وڏا چئلينجز آهن، حڪومت احتجاج ڪندڙن جا جذبا مجروح ڪرڻ کانسواءِ مسئلا حل ڪندي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت ۽ فوج گڏجي معاشي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت جا فوج سان بهتر لاڳاپا آهن، سمورن شعبن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آحي، هو پنهنجي دائري ۾ رهي معاشي ۽ مالي معاملا هلائي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي اڳتي وڌائڻ اهم ترجيح آهي.
هن چيو ته سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، ڪوئلي جي کاڻن جي کوٽائي ۽ معدنيات جهڙا شعبا اهم ترجيح آهن، ملڪ ۾ اسٽرڪچرل سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ايف بي آر ۽ توانائي جي شعبن ۾ سڌارن جي به ضرورت آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ڪجهه بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي فوري طور خانگاهڻ جي ضرورت آهي، سندن ڪوشش آهي ته ڪوئلي جي کاڻن جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته آئين تحت آدمشماري بعد چونڊ تڪبنديون ضروري آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن تڪبندين جو عمل مناسب وقت ۾ مڪمل ڪندي، عام چونڊن لاءِ ڪنهن به قسم جو ٽائيم فريم ڏيڻ ممڪن ناهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف به ٻين پارٽين وانگر عام چونڊن ۾ حصو وٺندي.
هن چيو ته سندن اولهه سرحد کان ملڪ اندر حملا ٿي رهيا آهن، افغانستان ۾ آمريڪا ۽ اتحادين جا ڇڏيل جديد هٿيار وڏو چئليج آهي، ڇڏيل هٿيار علاقائي سڪيورٽي صورتحال تي اثر ڇڏي رهيا آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو پنهنجي آبادي جي تحفظ لاءِ سمورا مناسب قدم کڻي رهيا آهن، طالبان عبوري دور مان گذري رهيا آهن کين وقت ڏيڻ گهرجي، عالمي برادري کي کين هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت ۾ ڏسڻ گهرجي.
