- Advertisement -
ڪئنيڊا ۾ پاڪستان جي نئين هاءِ ڪمشنر محمد سليم پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.
ڪئنيڊا ۾ پاڪستان جي نئين هاءِ ڪمشنر محمد سليم پنهنجا دستاويز گورنر جنرل ۽ ڪمانڊر ان چيف آف ڪئنيڊا ميري جي مي سائمن کي پنهنجا دستاويز پيش ڪيا.
دستاويز پيش ڪرڻ دوران محمد سليم صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم طرفان ڪئنيڊا جي قيادت ۽ عوام لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپا قائم آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڪئنيڊا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.
محمد سليم چيو ته کيس ڪئنيڊا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ تي فخر آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي..- Advertisement -
