- Advertisement -
حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيون جوڙڻ جو فارمولو طئه ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب مسلم ليگ ن کي ٻارهن ۽ پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي جون نو اسٽينڊنگ ڪميٽيون ملنديون.
پيپلزپارٽيءَ کي ست اسٽينڊنگ ڪميٽين جي سربراهي ملندي، جڏهن ته جي يو آءِ کي هڪ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ملندي.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن سبب ٽي اسٽينڊنگ ڪميٽيون خالي رهنديون، جنهن پارٽي اهي سيٽون مليون ڪميٽيءَ جي سربراهي به ان ئي پارٽيءَ کي ملندي.
ذريعن موجب حڪومت پي ايَ سي جي چيئرمين سپ به سني اتحاد ڪائونسل کي ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي، ٽن نالن مان هڪ نالو فائنل ڪيو ويندو………..- Advertisement -
