- Advertisement -
سنڌ سرڪار، مڪاني کاتي ۾ نين ڀرتين، بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ڪندي جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿو ته ملازمن جي پگهارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير مڪاني ادارن ۾ ملازمن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي مڙهي ڇڏي، جڏهن ته هڪ ملازم جي ٻئي ڪائونسل ۾ بدليءَ تي به پابندي مڙهي وئي.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جن لوڪل ڪائونسلرن کي اسٽاف جي سخت کوٽ آهي اهي ميونسپل فنڪشن آئوٽ سروس ڪن.
وڏي وزير پنجن ورهين دوران جن ڪائونسلن ۾ ملازمن جي بدلين ۽ مقررين جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو.
اجلاس دوران لوڪل ڪائونسلن ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو به ڪيو ويو.
سيد مراد علي شاهه سڄي صوبي ۾ سسٽم ايپليڪشن اينڊ پراڊڪٽس ايس ايَ پي متعارف ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، ايس ايَ پي تحت لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جون پگهارون ڪمپيوٽر جي خودڪار سسٽم ذريعي منتقل ٿينديون.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته هو چاهي ٿو ته ملازمن جي پگهارن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ ڪائونسلن جي بجيٽ ۾ اضافو ڪندا…………………- Advertisement -
