خانپورمهر ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ پير بري ويجهو زميني تڪرار تان هٿياربندن نوجوان عابد بوزدار کي ڄنگھه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
وارث زخمي نوجوان کي پوليس ليٽر وٺڻ بعد خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال کڻائي آيا جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
ٻئي پاسي زخمي نوجوان جي چاچي رئيس بوزدار جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي محراب، نواب، هارون، ۽ الھبچايو سميت 6 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي.
فريادي موقف اختيار ڪندي چيو ته جوابدارن ڏيڍ سال اڳ زميني تڪرار تان سندس پٽ شير محمد کي قتل ڪيو، اڄ گوليون هڻي ڀائيٽي عابد کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن.
هن پوليس جي اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
