- Advertisement -
خانپور مهر واسي اغوا ٿيل ٻن ڀائرن سميت ٽن نوجوانن مٿان تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڌاڙيلن نوجوان جاويد گبول، خالد ۽ فرمان گبول مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ واري وڊيو وارثن ڏانهن اماڻي ڇڏي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽنهي نوجوانن کي زنجيرن سان ٻڌي مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي.
وڊيو ۾ تشدد دوران ٽئي نوجوان دانهون ڪندي وارثن کي ڀنگ جي رقم ڏئي بازياب ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته ڌاڙيلن ٽنهي نوجوانن کي ٽڪ ٽاڪر بڻجي شڪارپور گهرائي کين اغوا ڪري وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.- Advertisement -
