- Advertisement -
سنڌ حڪومت پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ لاءِ خاص آفيسون قائم ڪرڻ ۽ عوام کي گهر ويٺي نمبر پليٽس جي فراهمي جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايڪسائيز سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز، ڊي جي نارڪو ٽيڪس ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ موٽر رجسٽريشن جي آفيس ٺاهڻ ۽ شام جي وقت به ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو پهريون مرحلو ڪامياب رهيو، عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي، پريميئم نمبر پليٽس جي نيلامي جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ سندن فرض ۽ ذميواري آهي، هو ايڪسائيز کاتي کي ڪارپوريٽ طريقي سان هلائڻ جو خواهشمند آهن.- Advertisement -
