پاڪستان ميمبر جي حيثيت کان دولت مشترڪه ۽ سندس ادارن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ميمبر جي حيثيت کان دولت مشترڪه ۽ سندس ادارن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، 21هين صدي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪامن ويلٿ جو ساٿ ڏيندو. سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان جي پهرين دوري تي ڀليڪار ڪن ٿا، سيڪريٽري جنرل جي موجودگي پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي مضبوط لاڳاپن جي نشاني آهي. سندس چوڻ هو ته هو موسمياتي تبديلي ۾ سيڪريٽري جنرل جي سهڪار تي ٿورائتا آهن، پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ گذريل 8 سالن ۾ دولت مشترڪه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، دولت مشترڪه جي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته تعليم، نوجوانن جي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي ڪردار کي ساراهن ٿا، 2022 جي ٻوڏ ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو سهڪار ۽ ڪوششن اهميت جوڳيون هيون. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سميت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، دولت مشترڪه عالمي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي پارٽنرشپ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان 21هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل دولت جو ساٿ ڏيندو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هڪ ميمبر جي حيثيت سان دولت مشترڪه ۽ سندس ادارن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، رياستي لاڳاپن جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪامن ويلٿ جو ڪردار اهم آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي تي ٿورائتي آهي، پاڪستان وڏي همت سان ڏکيائين کي منهن ڏنو، سڀني کي خبر آهي ته 2022ع جي ٻوڏ سبب 33 ملين پاڪستاني متاثر ٿيا، دولت مشترڪه هڪ اهم پليٽ فارم آهي، هن پليٽ فارم تان اڃا ڪيتريون ئي اهم ڪم ٿيڻ باقي آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون