تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪاررواين دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪاررواين دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو هڪ ميجر بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز ٽي مختلف ڪارروايون ڪيون. 25 ۽ 26 ڊسمبر تي سڪيورٽي فورسز  بنون جي علائقي جاني خيل ۾ آپريشن ڪيون، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. اتر وزيرستان ۾ به فورسز آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ ڏي وٺ ٿي، جنهن سبب 5 دهشتگردي  مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي 33 ورهين جو ميجر محمد اويس شهادت ماڻي، سندس تعلق ناروال سان هو ۽ هن ڏهن ورهين تائين وطن جي دفاع جو فرض نڀايو. آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، دهشتگردن  جي موجودگيءَ جي خدشي سبب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
28 %
2kmh
21 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون