تازه ترين

شهيد راڻي بينظير ڀٽو پاڪستان جي اها نياڻي آهي؛ پ پ ترجمان شازيا مري

- Advertisement -
پ پ ترجمان شازيا مري چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو پاڪستان جي اها نياڻي آهي، جيڪا ڪڏهن به ظلم آڏو نه جهڪي، سندس سترهين ورسي تي کيس ڀيٽا ڪرڻ لاءِ هو ڳڙجي خدابخش ڀٽو ۾ گڏ ٿيندا. جاري ڪيل بيان ۾  شازيا مري چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو  جمهوريت ۽انصاف لاءِ  وڙهندي جان جو نذرانو ڏنو، هوءَ قوم جي دل، مظلومن جو آواز ۽ ڪمزورن جي طاقت هئي. هن چيو ته شهيد راڻيءَ ٻڌايو ته سمورن شهرين جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ عوامي طاقت راڄ ڪندي. شازيا مري چيو ته شهيد راڻي بينظر ڀٽو پنهنجي سموري حياتي معاشري جي پٺتي پيل طبقن ۽ عورتن جي خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. پ پ اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي، سند نظريو زنده آهي جيڪو سڄي عمر لاءِ  مشعل راهه رهندو. شازيا مري چيو ته واعدو آهي ته هو شهيد راڻيءَ جي ويزن جي تحت روشن پاڪستان وارو خواب يقيني بڻائيندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
45 %
1.3kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون