- Advertisement -
دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل جي ٻڌڻي 22 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين ڏاڏي ڪرم الله، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت ۾ پيش ٿيا.
الزام ھيٺ آيل سردار احمد چانڊيو ۽ ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيا.
ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر چانڊيو، مرتضيٰ، سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو کي پوليس جيل کان عدالت ۾ پيش ڪيو.
ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت پاران اجازت ملڻ بعد پرڏيهه روانو ٿي ويو جنهن سبب پيشي تي نه آيو.
الزام هيٺ آيل ڌر جي هڪ وڪيل جي نه هئڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته عدالتن مان اميد آهي ته انصاف ضرور ڪنديون، سردار هن ڪيس مان جان ڇڏائڻ چاهن ٿا، کين ٻڌائڻ چاهن ٿا ته عدالتن مان جان نه ڇڏائي سگهندا.- Advertisement -
