تازه ترين

دادو ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت

- Advertisement -
دادو ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي. انڊس هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ پيچوها واسي موٽر سائيڪل سوار عبدالصمد پٽ نياز پيچوهو فوت ٿي ويو. حادٿي بعد نوجوان جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. عبدالصمد پيچوهو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ نوجوان جي سئوٽ جي شادي تقريب هجڻ تي ڊيڪوريشن جو سامان ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻائي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ ايندي عبدالصمد ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي فوت ٿي ويو. هنن چيو ته نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
31 %
3.8kmh
1 %
ڇنڇر
23 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون