تازه ترين

دالبدين ۽ باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
سڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪندي فتنه الهندستان جي رٿابندي ناڪام بڻائي ڇڏي. صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سڪيورٽي فورسز جون اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، وقت سر ڪارروائي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد دوزخ ڀيڙو ٿي ويا. ذريعن موجب دهشتگرد  هڪ غار ۾ پناهه ورتي، جن جي هوائي نگراني ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز صحيح وقت تي دهشتگردن جي ٿاڪ کي نشانو بڻايو. سڪيورٽي ذريعن چيو ته اها اهم ڪاميابي سڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن جي  اثرائتي رابطي جو نتيجو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين فورسز طرفان  ڪارروايون جاري رهنديون. هوڏانهن باجوڙ جي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي خارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن، فورسز شاهي تنگي جي ٻيلي ۾ موجود خارجين جي ٿاڪن ۽ سرنگهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز هڪ غار تي ڪڙو چاڙهي ڀرپور ڪارروائي ڪئي. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران خارجين ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ خارجي مارجي ويو ۽ سندس ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز علائقي ۾ موجود سرنگهن ۽ ويجهن هنڌن کي به ڪليئر ڪري ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران خوارجين وٽان هٿيار، بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
11 %
5.5kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون