- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پاڙان پٽڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته دشمن عنصرن جا ڪـُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن دشمنن جو پيچو ڪندي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف کي موجوده سڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ هلندڙ دهشتگردي خلاف آپريشنن ۾ اڳڀرائي بابت جامع بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ فيلڊ ڪمانڊر به موجود هئا.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير وطن جي دفاع لاءِ ڏنل بي مثال قربانين کي اجاڳر ڪيو ۽ شهيدن توڙي غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
جنرل عاصم منير دهشتگردي جي سمورن خطرن جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ جوانن جي حوصلي ۽ تيارين جي واکاڻ ڪئي.
ترجمان موجب آرمي چيف دهشتگردي خلاف قوم ۽ سڪيورٽي فورسز جي اجتماعي عزم جي ساراهه ڪئي.
آرمي چيف، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پاڙان پٽڻ جو عزم ورجايو.
سندس چوڻ هو ته جوانن جون قربانيون سندن قومي عزم جو بنياد آهن.
آرمي چيف چيو ته قربانيون هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي کي وڌائن ٿيون.
جنرل عاصم منير چيو ته دشمن عنصرن جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي.
آرمي چيف چيو ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن دشمنن جو پيچو ڪندي.
جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي جٽادار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائيندي- Advertisement -
