تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دشمن عنصرن جا ڪـُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پاڙان پٽڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته دشمن عنصرن جا ڪـُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن دشمنن جو پيچو ڪندي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف کي موجوده سڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ هلندڙ دهشتگردي خلاف آپريشنن ۾ اڳڀرائي بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ فيلڊ ڪمانڊر به موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير وطن جي دفاع لاءِ  ڏنل بي مثال قربانين کي اجاڳر ڪيو ۽ شهيدن توڙي غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي. جنرل عاصم منير دهشتگردي جي سمورن خطرن جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ جوانن جي حوصلي ۽ تيارين جي واکاڻ ڪئي. ترجمان موجب آرمي چيف دهشتگردي خلاف قوم ۽ سڪيورٽي فورسز جي اجتماعي عزم جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف، دهشتگردن جي نيٽ ورڪ ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پاڙان پٽڻ جو عزم ورجايو. سندس چوڻ هو ته جوانن جون قربانيون سندن قومي عزم جو بنياد آهن. آرمي چيف چيو ته قربانيون هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جذبي کي وڌائن ٿيون. جنرل عاصم منير چيو ته دشمن عنصرن  جا ڪڌا ارادا ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي. آرمي چيف چيو ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن دشمنن جو پيچو ڪندي. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي جٽادار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائيندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون