تازه ترين

دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دشمن جي اهڙي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو : محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ جو دورو ڪيو ويو.

چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي چيني قونصل جنرل سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ چيني شهرين جي سڪيورٽي بابت خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفاقي گهرو وزير پاڪستان خاص ڪري ڪراچي ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چيني شهرين جي اچ وڃ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي.

هن چيو ته  چيني شهرين جي فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائڻ سندن فرض آهي.

محسن نقوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته، دشمن پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دشمن جي اهڙي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪابه سازش ڪامياب نه ٿي سگهندي.

چيني قونصل جنرل سڪيورٽي پلان تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
16 %
2.4kmh
3 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون