- Advertisement -
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته سڪيورٽي فورسز جي جوانن جي بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيدن جي گهر ڀاتين سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڪيورٽي فورسز بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، فورسز جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.
وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سڪيورٽي فورسز جي جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪن ٿا، پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج سان گڏ آهي.- Advertisement -
