ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف سازش هئي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف سازش هئي. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام پاڪستان کي دنيا جي باوقار ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو. سندس چوڻ هو ته قائد عوام جو عدالتي قتل اصل ۾ تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ ملڪ جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ جيان هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلاسفي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، هاڻي هن مشن جو نگهبان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو پنھنجي ملڪ ۽ عوام سان محبت ڪندو ھو، ھيءُ ملڪ سڀني لاءِ مقدس آھي، هو ھن ملڪ کي جنت جھڙو ٺاھيندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان شھيد ڀٽو جي دور جيان منزلون ماڻيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون