- Advertisement -
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بشريٰ بيبي کي 9 مئي جي ٻارنهن ڪيسن ۾ ڊسچارج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي کي 9 مئي 2023ع جي واقعن بابت ٻارهن ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو هو.
ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي، جتي پوليس بشريٰ بيبي جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي.
پوليس جو موقف هو ته بشريٰ بيبي کان جي ايڇ ڪيو حملي سميت ٻارهن ڪيسن بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پوليس جي درخواست رد ڪندي بشريٰ بيبي کي ٻارهن ئي ڪيسن مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
