- Advertisement -
ميرپور ماٿيلو ويجهو حيدراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن صحافي طفيل حيدراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، معصوم ڀائٽي چاچي جو قتل ڏسي صدمي ۾ فوت ٿي وئي.
ڳوٺ پيربخش حيدراڻي واسي صحافي طفيل حيدراڻي چئن ٻارن کي موٽرسائيڪل تي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ته ھٿياربندن نوري پمپ ويجھو جروار لنڪ روڊ تي ڪلاشن جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
مقتول صحافي گڏ سندس ڀائٽي ستن سالن جي رينا صدمي ۾ فوت ٿي وئي.
موقعي تي موجود شھرين جي اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پهچي صحافي ۽ نينگري جا مڙهه کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيا.
پوليس جو چوڻ آھي شھرين اطلاع ڪيو جنھن بعد واقعي واري ھنڌ پھچي واقعي بابت تفصيل ورتا جنھن کان پوءِ قتل ٿي ويل صحافي جو مڙهه ۽ صدمي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙيءَ جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آھن.
پوليس جو چوڻ آھي ته حيدراڻي برادري وچ ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو جنھن سبب واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ ڪئي پئي وڃي.
صحافي طفيل حيدراڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏيو.
جوابدار جو چوڻ آهي ته انهن 2022ع ۾ منهنجي پٽ عامر علي کي قتل ڪيو، ٻئي نوجوان محمد شهمير کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ۽ مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي منهنجو گهر ڊهرائي پٽ ڪيو ويو، پلاند ۾ مون طفيل کي قتل ڪيو آهي.
نوابشاهه ۾ صحافين طرفان طفيل حيدراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ذوالفقار خاصخيلي، تاج رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءَ النجار صحافي جي قتل واقعي جو نوٽيس ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار قتل ٿي ويل صحافي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صحافين مٿان حملا آزاد صحافت مٿان حملا آهن، قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، سندس قتل جي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار ڊي آءِ جي سکر کان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو هجي، واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، طفيل حيدراڻي جا قاتل گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ طرفان صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل جي مذمت ۽ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحافي طفيل حيدراڻي جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.- Advertisement -
