تازه ترين

راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي پنجن شاهدن پنهنجا بيان ڦيرائي ڇڏيا آهن

- Advertisement -
راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي پنجن شاهدن پنهنجا بيان ڦيرائي ڇڏيا آهن. پير اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه جي ضمانت تي اعتراض ختم ڪيا ويا. اُجالا، تانيا، نسيم، صغير ۽ حسن ڦرڙو جا نوان قسم ناما جمع ڪرايا ويا آهن. جمع ڪرايل قسم نامي ۾ چيو ويو ته عدالت جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي ته اعتراض نه هوندو. قسم نامي ۾ چيو ويو ته مٿن نه ڪو دٻاءُ آهي ۽ نه ئي وري ڪا زبردستي ڪئي وئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اسد شاهه ۽ حنا شاهه ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي. جوابدارن کي رليف ڏيارڻ لاءِ شاهدن جا بيان بدلائي نوان قسم نامه جمع ڪرايا ويا. نينگريءَ جا والدين ۽ جاچ آفيسر ڊي ايس پي قدوس ڪلوڙ پيش نه ٿيا. ٻئي پاسي نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن جو چوڻ آهي ته پير پيرل شاهه دٻاءَ ذريعي شاهدن جا بيان تبديل ڪرايا آهن. هن چيو ته سندس  زال تي به ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڪجهه به ٿئي پر اسان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون