تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ سميت ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنهور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪس چور ملڪ جي خوشحالي جا دشمن آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،  ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ٿيندا، اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون وينديون.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سڄي صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي ساراهه ڪئي، ڪريڪ ڊائون دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي تعريف ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آهن، ساڻن ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن.

هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ٽيڪس چوري ڪندڙن خلاف ڪاررواين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندو ويندو.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شروعاتي طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائيز کاتي ۾ آندا ويندا، منشيات خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آهن، لاڳاپيل ادارا هر وقت سهڪار ڪن، منشيات وڪرو ڪندڙن جي پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن مضبوط ڪئي وڃي.

اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بائيو ميٽرڪ تحت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

ايڪسائيز کاتي سان لاپاڳيل سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
32 %
2.8kmh
64 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون