تازه ترين

رحيم يار خان ويجهو پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي سبب 12 اهلڪار شهيد ۽ 8 زخمي

- Advertisement -
رحيم يار خان ويجهو پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي سبب 12 اهلڪار شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گم ٿيل 5 اهلڪارن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڪيمپ نمبر 2 تان هفتيوار شفٽ  تبديل ٿيڻ بعد اهلڪار واپس وڃي رهيا هئا ته فتح پور ڀرسان 2 پوليس موبائيلون خراب ٿي پيون. ڌاڙيلن ٻنهي پوليس موبائيلن تي راڪيٽن سان  حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ 12  اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چئن ڄڻن جي گم ٿيڻ جا اطلاع هئا. پوليس موجب گم ٿيل اهلڪارن کي ريسڪيو ويو آهي. واقعي بعد  شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين  کڻائي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موبائيلن ۾ سوار  ايليٽ فورس پنجاب ڪانسٽبلري ۽ رِزَرو پوليس جا جوان محمد عثمان، عمران زاهد، راشد، منير، وسيم، سعيد، ڳباس، اجي رام، بيرم رام، فاروق عبدالله، انس بلال، احمد ساجد راجا ڪنول ايوب ۽  اسماعيل نبيل شامل هئا. اهلڪار عثمان واپس ڪيمپ ٽو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته اهلڪار محمد سعيد به ٻنين ۾ پناهه وٺي مدد طلب ڪري ورتي. واقعي بعد ڊي پي او رحيم يار خان پاران پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، زخمين مان ڪجهه اهلڪارن جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن ڪري  شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز رحيم يار خان ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت  واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صدر آصف علي زرادري ۽ وزيراعظم شهبازشريف رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد اهلڪارن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. آصف علي زرادري جو چوڻ هو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. محسن نقويءَ شهيدن اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي زخمي اهلڪارن جي صحتيابي لاءِ دعا گهري. سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون