تازه ترين

رستم ويجهو مهر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا قتل

- Advertisement -
رستم ويجهو مهر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، معصوم نياڻي ۽ پنج عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڳوٺ عامل ۾ مهر برادريءَ جي قالو مهر ۽ غوث بخش مهر ڌرين وچ ۾ زمين مان وڻن جي واڍي جي معاملي تان هلندڙ جهيڙو ٻيهر ڀڙڪي پيو. ٻنهي ڌرين طرفان جديد هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ هڪ معصوم نياڻي ۽ 5 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ راحب پٽ علي محمد، سرور پٽ حاڪم مهر ۽ اعتبار پٽ جمال الدين شامل آهن. زخمين ۾ پير بخش مهر، شهنيلا، بيبل، شوقت، فاطمه، صاحبان، حبيبان، صغران شامل آهن. راحب مهر ۽ سرور مهر جا لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ  وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته  اعتبار مهر جو مڙهه لکي غلام شاهه مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمين کي شروعاتي طبي امداد کانپوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن منتقل ڪيو ويو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءِ لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سندس چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن ۽ ٽولن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار جو چوڻ هو ته امن امان جي حالتن ۽ قانون  خلاف ويندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، واقعي جي جاچ ۽ اڳڀرائي رپورٽ کان آگاهه ڪيو وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.6 ° C
33.6 °
33.6 °
8 %
4kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون