- Advertisement -
رستم ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جي امڙ صدمي ۾ فوت ٿي وئي.
2 ڏينھن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل ڳوٺ پيارو بروھي واسي عبدالجبار پٽ عبدالنبي بروھي ۽ خادم پٽ رحمت بروھي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
گذريل ڏينھن مقتول عبدالجبار جي امڙ چڪ ٿاڻي قرآن پاڪ کڻي پھتي پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، جنهن جي صدمي ۾ مسمات مٺڻ بروهي فوت ٿي وئي.
مقتول جي وارثن وزير علي بروھي، عبدالعزيز، مختيار، گل خاتون، خادم، نور خاتون ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته سندن ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، بيگناهه ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.- Advertisement -
