- Advertisement -
ڪراچي ۾ پريڊي ٿاڻي تي قيد نوجوان پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
پوليس حراست ۾ فوت ٿي ويل نوجوان وقاص الدين جي وارثن واقعي خلاف شاهراهه مراڪش روڊ ريگل چوڪ تبت سينٽر تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
وارثن الزام هنيو ته پريڊي ٿاڻي جي ڪانسٽيبل اساما جي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد وقاص کي گرفتار ڪري پوليس سڄي رات ٿاڻي تي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب نوجوان فوت ٿي ويو.
هنن چيو ته پوليس موٽرسائيڪل ٽڪرائجڻ ۽ شين جي گم ٿيڻ جي ايف آءِ داخل ڪئي ۽ ٽن ڄڻڻ کي لاڪپ ڪري سڄي رات تشدد ڪيو، صبح جو ٻڌايو ته ويو وقاص فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل ٽن ڄڻن کي به آزاد ڪيو ويو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن کي ڏنو ويندو، رپورٽ اچڻ بعد حقيقت بابت معلوم ٿي سگهندو.
ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير نوجوان جي لاڪ اپ ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران واقعي جي جاچ جو حڪم ٿيندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.- Advertisement -
