- Advertisement -
19 رڪني وفاقي ڪابينا قسم کڻي ورتو آهي
ايوان صدر ۾ قسم کڻڻ واري تقريب جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي.
وفاقي ڪابينا جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري وفاقي ڪابينا کي قسم کڻايو.
قسم کڻندڙن ۾ خواجه آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، امير مقام، اويس لغاري، خالد مقبول صديقي، اسحاق ڊار، ڄام ڪمال ۽ عطا تارڙ شامل آهن.
مصدق ملڪ، قيصر احمد شيخ، رياض پيرزاده، محمد اورنگزيب، احمد چيمه، محسن نقوي، شزا فاطما خواجا به قسم کڻندڙن ۾ شامل آهن…………..- Advertisement -
