تازه ترين

روزو رکڻ سان انساني صحت کي ڪيترا انيڪ فائدا ملن ٿا؟

روزو رکڻ سان انساني صحت انيڪ فائدا ملن ٿا،  روزو  رڳو ديني فرض نه پر  صحت ٺيڪ ڪرڻ جو بهترين طريقو پڻ آهي.

رمضان جي ڀلاري مھيني دوران سڄي دنيا ۾ مسلمان روزا رکندا آھن جنھن ۾ روزي دار سحر کان افطار تائين کائڻ پئيڻ کان پري رھندا آھن.

ڪجھھ سالن کان روزو رکڻندڙن تي تمام گھڻي تحقيق ڪئي وئي آھي.

روزو رکڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ٿيندي آهي.

تحقيقي رپورٽ مان ثابت ٿيو آھي، ته روزو رکڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ايندي آھي، پر حقيقت روزو رکڻ سان پيٽ جي چرٻي گھٽائڻ ۾ تمام گھڻي مدد ملي ٿي.

چرٻي وڌڻ سان دل جو مرض وڌڻ جو خطرو پڻ وڌنڌو آھي ان ۾ گھٽتائي سان صحت بھتر ٿي ويندي آھي.

تحقيق مان اِهو به ثابت ٿيو آھي ته غذا کان پري رھڻ سان بلڊ پريشر تي هاڪاري اثر ٿيندا آھن، کاڌي پيتي ۾ گهٽتائي سان پروٽينز جي سطح گھٽجي ويندي آھي.

رپورٽن موجب روزو رکڻ سان دَمَ جي مرض گهٽجي ٿو ۽ ڦڦڙن بهتر نموني ڪم ڪن ٿا.

روزو رکڻ سان ڪوليسٽرول جي سطح گھٽجي ويندي آھي.

ان حوالي سان ثبوت موجود ناھن پر ننڍي پيماني تي ٿيڻ واري تحقيقن مان ثابت ٿيو آھي ته روزو رکڻ سان هيڃيڪار ڪوليسٽرول ايل ڊي ايل گهٽ ٿئي ٿو.

ايل ڊي ايل يعني خراب ڪوليسٽرول شريانن ۾ جمع ٿئي ٿو جنھن سان ھارٽ اٽيڪ ۽ فاليج جو خطرو وڌنڌو آھي.

روزو رکڻ سان ذھني ڪارڪردگي پڻ بهتر ٿيندي آھي

تحقيقي رپورٽن مان خبر پئي آھي ته غذا کان پري رھڻ سان دماغ جي جوڙجڪ ۽ اعصاب مضبوط ٿين ٿا، جنهن سان دماغ بهتر نموني ڪم ڪري ٿو.

روزو ڪنهن حد تائين الزائمر ۽ پارڪنسن جي بيمارين جو خطرو گھٽائي ٿو، جڏهن ته روزو رکڻ سان ڪينسر کان بچاءُ ۾ به مدد ملي ٿي.

ان حوالي سان انسانن تي ڪم ته ناھي ٿيو پر جانورن تي ٿيڻ واري تحقيق جي موجب کاڌي کان پري رھڻ سان رسولي جي واڌويج بيھجي ويندي آھي، ڪيموتھراپي جو اثر وڌي ويندو آھي.

روزو انسولين جي مذاھمت کي بھتر بڻائي ٿو، انسولين جي مذاھمت دوران جسم ۾ انسولين جي تمام گھڻي ٿي ويندي آھي جڏھن ته ان جو اثر گھٽجي ويندو آھي ۽ بلڊ شگر ليول ڪنٽرول کان ٻاھر وڃڻ لڳندي آھي.

رپورٽن موجب جڏھن ماڻھو انسولين جي مزاحمت تيز ڪندا آھن ته ھارمون جو ڪم بھتر ٿيندو آھي جنھن سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو گھٽجي ويندو آھي.

گھٽ ننڊ جي باوجود ڏينھن ۾ اوھان وڌيڪ ھوشيار رکي ٿو.

روزو رکڻ سان مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آھي، تحقيق مان ثابت ٿيو آھي ته غذا کان پري رهڻ رت جي اڇي جزن کي بھتر ڪري ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه وڌندي آھي.

روزو رکڻ سان چمڙي شفاف ٿيندي آھي، ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق نه ڪئي وئي آھي پر اھو يقين آھي ته روزو رکڻ سان ڌاڻن مان نجات ملي ٿي ۽ چمڙي پڻ صاف ٿئي ٿي.

روزو رکڻ سان عمر وڏي ٿئي ٿي، ان تي ماهرن طرفان تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پر هيل تائين ٿيل تحقيق مان ثابت ٿيو آھي، غذا کان پري رھڻ سان صحت بھتر ٿيندي آھي جنھن سان عمر وڌڻ ۾ اضافو ٿيندو آھي.

نوٽ: پڙھندڙ ان سلسلي ۾ پنھنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.1 ° C
17.1 °
17.1 °
26 %
4.9kmh
3 %
آچر
17 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
23 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون