تازه ترين

روس جي ٻن وڏين تيل ڪمپنين تي پابنديون لڳائي رهيا آهن: امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس جي ٻن وڏين تيل ڪمپنين تي پابنديون لڳائي رهيا آهن، روس تي پابندين جو هي صحيح وقت آهي، اميد آهي ته پابنديون پيوٽن کي مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪنديون. امريڪي صدر وائٽ هائوس ۾ نيٽو سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهايو. ان موقعي تي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته کيس روسي صدر پيوٽن سان ملاقات مناسب نه لڳي، ان لاءِ ملاقات ملتوي ڪئي، پيوٽن سان ڳالهه ڪنهن به نتيجي تائين ناهي پهچندي، روس- يوڪرين جنگ ۾ هر هفتي هزارين ماڻهو مري رهيا آهن. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي بابت صدر شي جن پنگ سان ڳالهائيندي، يوڪرين امريڪا جا نه پر يورپي ميزائل روس خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منشيات اسمگلرن خلاف ڪارروايون زندگيون بچائڻ لاءِ آهن، سمنڊ ذريعي آمريڪا ۾ منشيات جي داخلا کي مڪمل روڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بائيڊن امريڪا جي تاريخ جو بدترين صدر هو، سندس جي ڪري ئي يوڪرين جنگ شروع ٿي  جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ڀارت روس کا تيل نه خريد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته امريڪا ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيندڙن تي بجيٽ خرچ نه ڪندا، ڪجهه سٺا ڊيموڪريٽس شٽ ڊائون جي خاتمي لاءِ ساڻن گڏ آهن. ان موقعي تي نيٽو جي سيڪرٽري جنرل جو چوڻ هو ته روس تي وڌيڪ پابندين جو مقصد صدر پيوٽن مٿان جنگ بندي جو دٻاءُ وجهڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان وقت روس يوڪرين امن منصوبو ڳالهين جي ميز تي ناهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
11 %
4.1kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون