- Advertisement -
رينجرز اهلڪارن تي وڳوڙين جي حملي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز جاري ڪيا ويا آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوٽيجز ۾ نام نهاد احتجاج جي آڙ ۾ شرپسندن جي تيز رفتار گاڏي ڊيوٽي تي موجود رينجرز اهلڪارن کي چيڀاٽي ڇڏيو.
سي سي ٽي وي فوٽيج موجب ۾ ڏٺو ويو آهي ته واقعو گذريل رات 2:44 منٽن تي پيش آيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شرپسندن جي تيز رفتار گاڏي وڻ جي پويان آئي ۽ تيز رفتاريءَ سان رينجرز اهلڪارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز جا 3 اهلڪار شهيد ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن رينجرز جا جوان ناڪي تي مقرر ڪيا پيا وڃن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو شرپسندن جي هڪ منظم ۽ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت ڪيو ويو، جنهن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي واقعي جي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري غلط پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته وڳوڙي مظاهرين جون ڪيتريون ئي وڊيوز سامهون اچي چڪيون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي شرپسندن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
