تازه ترين

رڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين باوجود ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشيت سميت ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، ايندڙ سالن ۾ معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف مشن پاران مئي ۾ پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جو ملهه وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان ناهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو ڪوبه سبب نظر نه پيو اچي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون