- Advertisement -
اي ايس پي سکر سٽي محمد عثمان چيو آهي ته زين العابدين جو قتل بلائينڊ ڪيس هو، ڪو شاهد هو نه ئي ڪا شاهدي ملي هئي، محمد ياسين ناپر ئي آخري ڀيرو معصوم کي ڏٺو هو، محمد ياسين کان هڪ سئو ڀيرا بيان ورتو جنهن ۾ ڦاسي پيو، جوابدار جي نشاندهيءَ تي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.
سکر ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد عثمان چيو ته زين العابدين کي غلطي سان گولي لڳي هئي جنهن کانپوءِ ياسين ناپر ۽ سندس دوست کيس اسپتال پهچايو هو، پوليس جي جاچ مان وارث مطمئن آهن.
سندس چوڻ هو ته محمد ياسين ناپر ئي اهو ماڻهو هو جنهن زين العابدين کي قتل ڪيو، ايف آر وارثن جي مرضي سان داخل ڪئي وئي آهي، اوطاق جو مالڪ مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي جيڪڏهن انوسٽيگيشن ۾ ڪو ٻيو به ملوث نڪتو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
اي ايس پي سکر سٽي محمد عثمان چيو ته قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار بابت مالڪ جو خيال هو ته سندس بندوق خراب آهي پر ان سان قتل ٿي ويو، شروعاتي ميديڪل رپورٽ ۾ زياتي جي ڪابه نشاني ناهي ملي، جڳهه سيل ڪئي وئي اتي ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
