سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ

0
570

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي ٽي ڏينهن رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ان ڪيمرا ٻڌڻي بعد عدالت شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته وڌيڪ جسماني رمانڊ نه ڏنو ويندو.

ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کان پڇاڳاڇا ڪري رهي رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here