- Advertisement -
سامونڊي فوج طرفان زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن جي ڪامياب فائرنگ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم ايف اين سڪس ميزائيلن جي فائزرنگ جو مظاهرو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر ڪوسٽ وائس ايڊمرل راجا ربنواز تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
لائيو ويپن فائرنگ دوران سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ سسٽم هوائي حدفن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊ فارئنگ تي سامونڊي فوج جي گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم جي آپريشنل تياريءَ تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.
سامونڊي فوج دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.- Advertisement -
