تازه ترين

باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو : آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز ي آپريشن دوران انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر مارجي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز هاءِ پروفائل دهشتگرد جي موجودگيءَ جي اطلاع تي باجوڙ ضلعي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر  عرفان الله عرف عدنان مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج  جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر سڪيورٽي فورسز تي حملن، ڀتي خوري ۽ معصوم شهرين جي  ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي ماڻهن آپريشن جي واکاڻ ڪئي، ۽ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ سڪيورٽي فورسز سان مڪمل سهڪار جو اظهار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون