تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ڏيندڙ ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي: وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻن دوران قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، بيلا روس جي صدر جي دوري وقت تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري ملڪ کي بدنام ڪيو، وڳوڙين جي حملي ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن، ملڪ ۾ 70 مهينن کانپوءِ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهن تي بار گهٽ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، خواجه آصف ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن سبب يورپ سڌي اڏامن جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ڌرڻي ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اقتصادي معاملن واري وزير احد چيمه، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته احتجاج واري هنڌ تان هٿيار، ڪارتوس، گولين جا خول ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن، سمورا ثبوت فارنزڪ لاءِ موڪليا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي واري هنڌ موجود وڳوڙين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ بعد سمورن وڳوڙين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي بابت اڳڀرائي جو هفيوار جائزو ورتو ويندو، ڌرڻن دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري وقت ملڪ جي راڄڌاني تي حملو ڪيو، جيڪو شرمندگي جو سبب بڻيو، پاڪستان ۾ وقت جي گهرجن موجب عالمي سطح جي اينٽي رائٽ فورس ٺاهي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار تي آندو ويندو ۽ ان لاءِ سمورا ضروري وسيلا ڪتب آندا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون